دراني اٽل خان

دراني، اٽل خان: اٽل خان دراني ولد مير محمد خان پوپلزئي دراني، ڪـوٽ سبزل، رياست بهـاولپـور ۾ پيدا ٿيـو. سـنـدس نسب جـو سلسلــو مير محمد خان کان ٿيندو سردار جهان خان پوپلزئيءَ سان وڃي ملي ٿو. سردار جهان خان کي قنڌار جي بادشاهه احمد شاهه ابداليءَ پنهنجي پٽ ۽ لاهور جي واليءَ شهزادي تيمور جو معاون مقرر ڪيو هو. سردار جهان خان پنهنجي ڪٽنب ۽ قبيلي سان گڏ پهرين سبزل ڪوٽ ۾ مقيم ٿيو، جتان ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو، سنڌ ۾ رهڻ ڪري سندس ٻولي اڳتي هلي سرائڪي ٿي وئي، مير محمد خان جي انتقال کانپوءِ اٽل خان دراني پنهنجي ڀاءُ ڪمال خان درانيءَ ۽ ڀيڻ سان گڏ هميشه لاءِ بهاولپور مان لڏي مختلف هنڌن تي رهائش اختيار ڪندو، آخرڪار گدو (موجود پٺاڻ ڳوٺ، حسين آباد، حيدرآباد) ۾ اچي رهيو. اٽل خان کي هڪڙي نياڻي هئي، جيڪا هالا جي مخدوم خاندان ۾ پرڻائي ڏنائين، جـيـڪـا مـخـدوم محمد زمان طـالـب الـمـولـيٰ جـي والـده هـئـي. کـيس ٻه پٽ مير محمد خان ۽ محمد يوسف خان هئا. هن 1914ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار پٺاڻ ڳوٺ، حسين آباد ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو